بي آءِ ايس پي ۾ وڏي پئماني تي فراڊ جو انڪشاف

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) ملڪ ۾ غريب ۽ بي سهارا عورتن جي مدد لاءِ شروع ڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ وڏي پئماني تي  فراڊ جا انڪشاف ٿيا آهن. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ آڱوٺي جي نشان ذريعي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا ڏيندڙ 88 کان وڌيڪ دڪاندارن پاران عورتن جي آڱوٺن جا جعلي نشان ٺاهي پئسا ڪڍرائڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي، اهڙي انڪشاف بعد ايف آءِ اي سکر جي ٽيم ڪاروائي ڪندي ٻن دڪاندارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته گرفتار ٿيل ٻئي دڪاندار عورتن جي آڱوٺن واري جعلي نشان ذريعي ڪروڙين روپيا اڪائونٽ مان ڪڍي هڙپ ڪري چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.