سکر ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن، 100 کان وڌيڪ دڪان ۽ گهر پٽ

سکر( رپورٽر) سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران پراڻو سکر جي رائل روڊ، وسپور محلا، بکر چوڪ، پراڻي گوشت مارڪيٽ وارن علائقن ۾ روڊن  تي اڏيل غير قانوني حددخليون هٽائڻ وارو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. آپريشن جي پهرين ڏينهن تي ٿرمل چوڪ کان وسپور، بکر چوڪ تائين 100 کان وڌيڪ دڪان، هوٽل، گھر، دڪا ۽ اڏاوتن جا روڊ تي ايندڙ حددخليون ڊاهي ڇڏيون آهن. جڏهن ته پراڻي سکر واري علائقي ۾ قائم شادي حالن، خانگي اسڪولن، گھر جون ڏاڪڻيون پڻ ڊاهي پٽ ڪيون آهن. انتظاميا پاران آپريشن سبب سکر پوليس جي وڏي تعداد ۾ اهلڪارن کي طلب ڪيو ويو هو. انتظاميا جو چوڻ آهي ته پراڻو سکر واري علائقي ۾ روڊن تي اڏيل غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ وارو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. جنهن کان روڊن جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.