حقيقي جمهوريت لاءِ پ پ جي جدوجهد نئين ڳالهه ناهي: نثار کهڙو

 

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته حقيقي جمهوريت لاءِ پ پ جي جدوجهد نئين ڳالهه ناهي.

حيدرآباد ۾ عورت هاري ڪنوينشن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته موجوده حڪمران هر معاملي کان بي خبر بڻيل آهن، جن کان ڪا به ڳالهه پڇيو ته چوندا اسان کي خبر ئي ناهي، عمران خان پاڻ مهانگائي ڪري وري ان جو نوٽيس به وٺي ٿو، حڪومت عوام کي ڪوبه رليف ناهي ڏئي سگهي.

هن چيو ته جمهوريت ۾ اپوزيشن جو بائيڪاٽ معني خيز هوندو آهي، ان ڪري اهي اپوزيشن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندا، بشير ميمڻ وڏا انڪشاف ڪيا آهن، ثبوتن سان گڏ شاهد هجڻ باوجود ان کي ڪوڙو چيو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن، هيءَ حڪومت 18 هين ترميم جي به مخالف آهي پر اسان 18 هين ترميم ختم ٿيڻ نه ڏينداسين.

نثار کهڙي چيو ته 18 آڪٽوبر ڪراچي ڪارساز سانحو ڪڏهن به وسري نٿو سگهي، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي جناح باغ ۾ جلسو ٿيندو، جلسي ۾ ٻين جماعتن کي به دعوت ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.