کپرو : سهارا ڪميونٽي ايسوسي ايشن پاران 300 خاندانن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو

کپرو ۾ سهارا ڪميونٽي هيلٿ ايسوسي ايشن ڊايوسيز حيدرآباد پاران ٽير آسٽريليا جي سهڪار سان کپرو لڳ ڪرسچن پرائمري اسڪول ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ بيمارين کان بچاء  بابت هڪ شاندار تقريب رکي ويئي جنهن ۾ سهارا ڪميونٽي هيلٿ ايسوسي ايشن ڊايوسيز چرچ حيدرآباد جي ڪو آڊينيٽر امروز گوئل خطاب ڪندي چيو تـ ٻوڏ  کانپوءِ کپرو تعلقي جي جر جو پاڻي پيئڻ توڙي استعمال جي لائق ناهي رهيو،  اهو گدلو ٿيڻ سبب ڪافي بيماريون پيدا پيون ٿين ان ڪري ٻوڏ متاثرين علائقن جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي کي ڦٽڪي سان صاف ڪري ۽ گرم ڪري استعمال ڪن.

تقريب کي سهارا ڪميونٽي  جي سپر وائيزر شارون خطاب ڪندي چيو تـ ٻوڏ متاثر علائقن جي ماڻهن کي امدادي سامان سان گڏ پاڻي صاف ڪرڻ جي لاء ڦٽڪي پڻ ڏيون پيا تقريب کي شمعون، ۽ راڻو جي پڻ خطاب ڪيو  ان موقعي تي سهارا ڪميونٽي ايسوسي ايشن کپرو پاران 300 غريب خاندانن ۾ امدادي سامان پڻ ورهايو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.