ڌونيءَ جي 5 ورهين جي ڌيءُ کي ”ريپ“ جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني جي 5 ورهين جي ڌيءُ کي ريپ جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون.

ايم ايس ڌوني عالمي ڪرڪيٽ تان ته رٽائرمينٽ وٺي چڪو آهي پر هو انڊين پريميئر ليگ ۾ چنئي سپر ڪنگز جو ڪپتان آهي.

آءِ پي ايل اڄڪلهه ڪورونا صورتحال سبب ڀارت بدران دبئي ۾ جاري آهي، جتي ڌوني پنهنجي ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ايم ايس ڌوني ۽ سندس گهرواري ساڪشي کي 5 ورهين جي ڌيءُ زيوا کي زيادتيءَ جو نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، اها ڌمڪي انسٽاگرام تي ڏني وئي.

ڌوني جي 5 ورهين جي ڌيءُ کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڌمڪين کانپوءِ عوام طرفان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

واضح رهي ته ڀارت ۾ عورتن توڙي ننڍين ٻارڙين سان زيادتي جي واقعن ۾ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ملڪن عورتن کي نئين دهلي ۾ اڪيلو سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.