بلاگر حمنه رضا هراساني الزامن تي گلوڪار علي ظفر کان معافي گهري ورتي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انسٽاگرام انفلوئنسر ۽ بلاگر حمنه رضا گلوڪار علي ظفر تي جنسي هراساني الزامن تي معافي گهري ورتي.

حمنه رضا پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي معافي نامو جاري ڪندي علي ظفر تي لڳايل الزامن کي غلط فهمي قرار ڏنو.

سندس موجب 19 اپريل 2019 ۾ ميشا شفيع جي علي ظفر خلاف ٽوئيٽ کانپوءِ مان به هڪ ٽوئيٽ ڪيو هو، جنهن ۾ چيو هو ته هڪ مداح جي حيثيت سان مان علي ظفر سان سيلفي ڪڍرائي هئي ۽ ان دوران مان هن سان ڪافي پريشان محسوس ڪري رهي هيس، اها هڪ دوستاڻي ماحول ۾ ورتل سيلفي هئي، جنهن کي مان غلط فهمي سمجهي ڇڏيو.

هن چيو ته مون کي اهڙي قسم جا ٽوئيٽ نه ڪرڻ گهربا ها، جيتوڻيڪ مان آگاهه به هيس ته اهڙي ٽوئيٽس جا اڳتي هلي جهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا، منهنجو بيان به علي ظفر خلاف استعمال ڪيو ويو، جنهن سان ان جي عزت ۽ شهرت کي نقصان پهچڻ سان گڏوگڏ سندس گهر ڀاتين کي به اذيت پهتي ۽ مان اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ تي پڇتائي رهي آهيان.

بلاگر حمنه رضا آخر ۾ علي ظفر کان معافي وٺندي چيو ته هاڻ اڳتي مان پنهنجو پليٽ فارم وڌيڪ ذميواري سان استعمال ڪنديس.

حمنه رضا جي معافي نامي کي علي ظفر قبول ڪندي سندس ان عمل کي ساراهيندي ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

واضح رهي ته ايف آءِ اي گلوڪار علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي مهم تي 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جن ۾ حمنه رضا به شامل هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.