وڌيڪ ٽن ٻيٽن تي قبضو سنڌ جي وجود تي وار آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، نائب صدر  حورالنساءِ پليجو، نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر ۽ ميڊيا سيڪريٽري راحيل ڀٽو پنھنجي گڏيل بيان ۾ سنڌ جي ورھاڱي واري سازش، ڪراچي ڪميٽي، سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي، زمينن جي نيلامي، پاڻي تي ڌاڙن، ڌارين جي آبادڪاري ۽ ٻوڏ متاثرن جي واھر نھ ٿيڻ خلاف گذريل ڏينھن ڪراچي ۾ ھزارين ڌرتي ڌڻي سنڌياڻين ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي ڪامياب ريلي ڪڍڻ تي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ سڄي سنڌ کي مبارڪون ڏيندي چيو آھي تھ سنڌ جو عوام پُرامن جمھوري جدوجھد ذريعي سنڌ دشمن قوتن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ريلي جي شاندار ڪوريج تي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا ٿورا مڃيا، هنن چيو ته  سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي قبضو ڪرڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس ذريعي آئيلينڊ اٿارٽي جوڙي ويئي آھي، جيڪو عمل سراسر سنڌ ۽ بلوچستان دشمن آھي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي تھ ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن کان پوءِ منھوڙي جي بابا ڀٽ، شمس پير ۽ صالح آباد ٽن وڌيڪ ٻيٽن تي وفاق جو قبضو نھ رڳو مذمت جوڳو آھي، پر سنڌ جي وجود تي وار آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.