ميان صاحب لڳ حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن وٽ ميڙ، راڄوڻي لاءِ منٿون

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان همايون ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي 4 ڏينهن اڳ مزدا جي ٽڪر ۾ چنگچي رڪشا وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت مسمات روبينا زال عبداللطيف کوسو ۽ هڪ معصوم ٻار جي فوت ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ  مزدا گاڏي جي مالڪن جو فوتي عورت جي وارثن ڏانهن علائقي جي چڱن مڙسن ۽ سيدن جو ميڙ ڳوٺ عبدالخالق کوسو پهتو جتي ميڙ ۾ آيل چڱن مڙسن حادثي بابت راڄوڻي  ڪرڻ لاءِ  کين منٿون ڪيون جنهن تي کوسا برادري جي عبدالستار کوسو ۽ ٻين کين چيو ته اسان جو معصوم ٻار ۽ عورت حادثي ۾ فوت ٿي ۽ هن وقت هڪ پيرسن عورت سميت 5 زخمي اسپتالن ۾ زير علاج آهن اسان في الحال ڪجھه نه ٿا ڪري سگهون، جيسين اسان جا زخمي ٺيڪ نه ٿيندا تيسين راڄوڻي ڪو نه ڪنداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.