حيدرآباد ۾ ڪورونا وگهي 2 ڄڻا فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڪورونا وگهي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. سول اسپتال ۾ علاج هيٺ رهندڙ قاسم آباد واسي 55 ورهين جو  محمد بخش فوت ٿي ويو. جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا جي تصديق ٿيڻ بعد سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. جڏهن ته نوشهروفيروز واسي 65 ورهين جو محمد شفيع به ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو آهي. سول اسپتال انتظاميا ٻنهي فوتين جا لاش ايڌي معرفت غسل ڪفن بعد سندن علائقن ڏانهن روانا ڪري ڇڏيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.