ڀٽائي جي ميلي تي ويل خانپورمهر واسي 2 نوجوان روڊ حادثي ۾ فوت

خانپورمهر (ت ر) ڀٽ شاھ ميلو گهمڻ ويل خانپورمهر واسي ٻه دوست نوشهروفيروز ڀرسان موٽرسائيڪل کي  ڪوچ جو ٽڪر لڳڻ  سبب فوت ٿي ويا آهن خانڳڙھ واسي 22ورهين جو نوجوان محمد نواز پٽ نورالامين مهر۽ سندس دوست ڳوٺ جعفر ملڪ واسي 25ورهين جو جلال پٽ محمد ايوب ملڪ هڪ ڏينهن اڳ موٽرسائيڪل تي ڀٽ شاھ  لطيف سرڪار جي ميلي تي گهمڻ لاء ويا جيڪي اڄ ميلي تان واپس اچي رهيا هئا ته نوشهروفيروز ويجهوباء پاس روڊ تي نانگو شاھ موري وٽ سندن موٽرسائيڪل کي ڪوچ جو زوردار ٽڪر لڳو ٻنهي نوجوانن کي زخمي حالت ۾ ويجهي اسپتال داخل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي ٻئي نوجوان فوت ٿي ويا ٻنهي فوتي نوجوانن جا لاش ايمبولينس ذريعي نوشهروفيروز کان پنهنجي اباڻي ڳوٺن ڏانهن آندا پيا وڃن هوڏانهن نوجوانن جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي سندن گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.