ميهڙ ۾ بدامني خلاف سياسي، سماجي، واپارين، مذهبي اڳواڻن جو مظاهرو

ميهڙ ( رپورٽ: جميل مهيسر  ) ميهڙ شهر ۾ وڌنڌڙ بدامني ، شهر ۾ چورين ،ڌاڙن ،ڦرن جي وڌنڌڙ وارداتن خلاف يوٿ يونائيٽڊ  الائينس جي سڏ تي ميهڙ جي سياسي ، سماجي سول سوسائٽي ، واپاري مذهبي تنظيمن  پاران وڪيل فيصل ڀٽي وڪيل شير علي چانڊيو ،وڪيل محمد علي ڪانڌڙو, وڪيل منور جتوئي ، سڪندر سوڍر ، نياز علي ٻرڙو ,وڪيل سعيد پنهور  , مولانا مسعود احمد پنهور  اصغر کوسو ، ذوالفقارکوکر , وڪيل لياقت ڏيپر ,  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏي احتجاجي ريلي  دعا جا هٿ ٻيٽو چوڪ کان شروعات ڪري 3 ڪلوميٽر  پيادل مارچ ڪيو ويو ريلي ۾ عوامي تحريڪ ، قومي عوامي تحريڪ ، ايس يو پي ، نوجوان سوشل فورم ، پي ٽي آءِ ، عوامي جمهوري پارٽي ، ميهڙ بار جي وڪيل ، ميهڙ بچايو تحريڪ  سميت مذهبي ، واپاري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا ، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن کپي کپي امن کپي، ڏوهارين خلاف ڪاروايون ڪيون ، پاٿاريون بند ڪيو ، ميهڙ ۾ امن ڪرايو ، ايس ايس پي دادو هٽايو ، امن ڪرايو ، بدامني ختم ڪريو جا زوردار نعره هنيا ريلي ميهڙ جي ٻيتو رود ، سينيما روڊ ، راڌڻ روڊ ، مين روڊ کان ٿيندي ميهڙ جي گهنٽا گهر چوڪ وٽ پهتي جتي خطاب ڪندي اڳواڻن   بدامني جو ذميوار  چونڊيل نمائندن ۽ ايس ايس پي دادو  کي قرار ڏيندي چيو  آهي  ته ميهڙ ۾ ڏوهن ۾ واڌارو ٿيو آهي چوريون ، ڦرون ، ڌاڙا معمول بنيل آهن شهر جي هر جڳهه تي پاٿاريون کليل آهن ،  پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪاروائي نه پئي ڪري شهري غير محفوظ ٿي ويا آهن، هڪ ڏينهن اندر سهر ۾ چار چار وارداتون ٿين پيون پر اڄ تائين پوليس ڪنهن به ڏوهاري کي گرفتار ناهي ڪري سگهي هنن گهر ڪئي ته ايس ايس پي  دادو کي هٽائي ميهڙ تعلقي اندر ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪري بدامني تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.