نوشهري فيروز ۾لائيو اسٽاڪ کاتو لاڀ ڏئي نه سگهيو

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ضلعي اندر لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ ۽ هسبنڊري کاتو مالوند ماڻهن کي ڪو به فائدو نه ڏئي سگهيو آهي ۽ سرڪار جي مد ۾ ملندڙ دوائون به مالوند ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ ڏوڪڙن عيوض پرائيويٽ اسٽور الشفا ۽ عاشيان تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون ۽ برساتن بعد مڇرن جي آزار ۽ ٻين بيمارين ڪري وٿاڻ خالي ٿي رهيا آهن. ان کان علاوهه مالوند ماڻهن کي ڀلي نسل جي گلابي ٻڪرين ۽ ڀلوڙ مينهن جي ٻج کان محروم رکيو ويو آهي. جڏهن ته هتي ايندڙ لکين رپين جي ٻج ڀرڻ واري ميڊيسن لائيو اسٽاڪ هسبنڊري جو سينئر انسپيڪٽر فدا حسين سهتو جيڪو هن وقت غير قانوني طور ۽ او پي ايس تي لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ جي اسٽور تي ڪيترن ئي سالن کان قبضو ڪيو ويٺو آهي اهو ڊپٽي ڊائريڪيٽر لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ ڊاڪٽر ثناءُالله راڄپر سان ملي ڀڳت ڪري دوائون مالوند ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ ٺاروشاهه شهر ۾ پنهنجي پرائيويٽ اسٽور الشفا تي وڪرو ڪري لکين رپيا ڪمائي رهيو آهي. جڏهن ته فدا حسين سهتو لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبنڊري جو ملازم هوندي اينيمل بريڊنگ ۾ ويٺي اڪائونٽنٽ انور راڄپر سان ملي ڀڳت ڪري ڪيترن ئي سالن کان پگهارون لائيو اسٽاڪ هسبنڊري کان کڻي رهيو آهي. جڏهن ته نوشهروفيروز جو موبائل يونٽ انچارج محمد انور وسطڙو 1996 کان يونين جي آڙ ۾ هن مهل تائين ڊيوٽي ناهي ڪئي .

۽ سرڪار پاران ملندڙ دوائون مٺياڻي روڊ تي پنهنجي پرائيويٽ اسٽور عاشيان تي وڪرو ڪري رهيو آهي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته محمد انور وسطڙو 24 سالن ۾ ملندڙ دوائن جو مسٽرول به نه ٺاهي سگهيو آهي ضلعي اندر ڪم ڪرڻ بجاءِ پنهنجي پرائيويٽ اسٽور تي ويهي مالوند ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيو آهي. هتان جي سياسي سماجي ڌرين پاران ايف آءِ آي، نيب، اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته غير قانوني او پي ايس تي ويٺل سينئر انسپيڪٽر فدا حسين سهتو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ثناءُالله راڄپر، اڪائونٽنٽ لائيو اسٽاڪ هسبنڊري انور راڄپر، موبائل يونٽ انچارج محمد انور وسطڙو پاران ڪيل ڪرپشن جي جانچ ڪري سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪري مالوند ماڻهن کي دوائون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.