ورچوئل يونيورسٽي جي ڪووڊ 19 ۾ تعليمي اهميت، مفت آن لائن ڊجيٽل اسڪيل جا تربيتي پروگرام شروع ڪرائي ڇڏيا|دوست حفيظ چنا  

دوست حفيظ چنا  

انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ايجاد دنيا کي بدلائي ڇڏيو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ انهي علم ۾ وڌيڪ سگهه ايندي، اهڙي ئي تعليمي معلومات کي مواصلات کي ورچوئل يونيورسٽي وسيلي حڪومت پاڪستان 2002 ۾متعارف ڪرايو،  هن جديد دور ۾ فاصلاتي تعليم جو نظام متعارف ڪرائڻ اسان جهڙي ملڪ ۾ متعارف ڪرائڻ هڪ وڏو چئلينج هئو . ورچوئل يونيورسٽي پنهنجي ٽي وي چينلن ۽ انٽرنيٽ تي آنلائن ليڪچر نشر ڪندي آهي ۽ اهڙي طرح هن يونيورسٽي جا شاگرد ، جتي به هوندا آهن ، بغير ڪنهن ڏکيائي جي جامع سان  ڳنڍيل هوندا آهن ۽ آن لائن تعليمي فائدو حاصل ڪندا آهن . پاڪستان کان ٻاهر مقيم شاگرد ۽ شاگردياڻيون به هڪ وڏي تعداد ۾ هن يونيورسٽي ۾ داخل آهن ۽ فاصلاتي تعليم مان فيض ياب

ٿي رهيا آهن. ورچوئل يونيورسٽي ويڊيو ليڪچر مشهور انٽرنيٽ ويڊيو ويب سائيٽس جهڙوڪ يوٽيوب ، ڊيلي موشن ۽ ويميو وغيره تي موجود آهن. اهي ليڪچر پاڪستان جي اعليٰ تعليم يافته ۽ قابل استادن جي چونڊ ڪري انهن کان رڪارڊ ڪرايا وڃن ٿا،  ورچوئل يونيورسٽي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ معمولي پڙهيل لکيل ماڻهن کي به مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ جيڪي خدمتون انجام ڏئي رهي آهي  هي ادارو گڏيل قومن سميت ڪيترن ئي عالمي ادارن جي تعاون سان ڪيترن اهم منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، ورچوئل يونيورسٽي انڊر گريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ماسٽر ڊگري پروگرام پيش ڪري ٿي ۽ ڪمپيوٽر سائنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، بزنس ايڊمنسٽريشن ، اقتصاديات ۽ نفسيات تي ڌيان ڏئي ٿي. وڏي تعداد ۾ ٻاهرين پاڪستان جا شاگرد پڻ هن يونيورسٽي ۾ داخل آهن ۽ مفاصلو تعليم مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. اوهان ڄاڻو ٿا ته تعليم ذهني سطح کي بلند ڪري مسئلن کي منهن ڏيڻ جو حوصلو عطا ڪندي آهي، ان سلسلي ۾ اسان کي ماضي جي تلخ تجربن مان سبق سکندي پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻو آهي ته جيئن هاڻي اهڙن سمورن عنصرن ۽ انهن جي سببن جو خاتمو ڪري سگهجي. هن وقت يونيورسٽي نوا نوا تعليمي پروگرام متعارف ڪرايا آهن . رچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان اونهاري لاءِ شارٽ ڪورسس ۽ بيچلر  کان پي ايڇ ڊي تائين  پروگرامز ۾ آن لائن داخلائن  جو آغاز  شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪ جي 200 کان وڌيڪ ڪئمپسز ۾ داخلائن جو اهو سلسلو شروع آهي.ملڪ ۾ ڪووڊ 19 (ڪرونا) وباء ۽ لاڪ ڊائون دوران ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان تعليم تائين رسائي ۽ شاگردن جي سکڻ واري سفر کي جاري رکيو ۽ ڊجيٽل لرنگ اسڪيل پروجيڪٽ آن لائن وقت کان اڳ مڪمل ڪيو. ان کان علاوه ٻيا به ڪرونا دوران ٻيا به ڊگري پروگرام هلندا رهيا، نه فقط پنهنجا پروگرام پورا ڪيا پر ، تعليم جي سلسلي ۾ ملڪ جي ٻين تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽيز کي پنهنجو جديد طرين تعليمي پليٽ فارم هائيرايجوڪيشن ڪميشن سان ملي ڪري (ايل ايم ايس) لرنگ ميجمنٽ سسٽم مهيا ڪيو ۽ ملڪ جي تقريبن 14 يونيورسٽين کي اهو پليٽ فارم مهيا ڪيو ته جيئن عالمي وباء جي دوران انهن يونيورسٽين جا شاگرد آن لائن ايجوڪيشن مان مستفيد ٿي سگهن، پينڊمڪ دوران ڊجيٽلائيزيشن ۽ سائبرسيڪورٽي تي آن لائن ڪانفرسسز جو انعقاد پڻ ڪيو. ان کان علاوه يونيورسٽي مفت آن لائن ڊجيٽل اسڪيل جا 10 تربيتي پروگرام شروع ڪرايا آهن، ان تربيتي پروگرام لاءِ آن لائن پورٽل سموري ملڪ ۾ مفت ۾ رسائي لائق آهي، هن ٽيڪنالاجي وسيلي ايندڙ وقت ۾ هڪ ملين شاگردن کي تربيت ڏئي سگهجي ٿي. ڊجيٽل پروگرام جو مقصد نوجوان شاگردن ، فري لانسرز  شاگردن ، گهرو خواتين ۽ پروفيشنل ماڻهن جي مدد لاءِ ٺاهيو ويو آهي. هن ٽريننگ سان هر لائق پاڪستاني کي فائدو ٿيندو.

ان کان علاوه  ورچوئل يونيورسٽي سسڪو نيٽ ورڪنگ اڪيڊمي جا ڪورس انتهائي گهٽ فيس ۾ شروع ڪرائي رهي آهي، جيڪي 15 آڪٽوبر کان شروع ٿي رهيا آهن . يونيورسٽي جا اهي جديد ٽيڪنالاجي وارا ڪورس سٺي آمدني ڪمائڻ دوران پر عزم، سرشار ۽ قومي معيشت جي اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندو . موجوده عالمي وباء ڪووڊ 19.جي دوران جتي سموري دنيا جي تعليم ۽ زندگي جي ڪار وهنوار آن لائن ڪيو، ان ۾ ورچوئل يونيورسٽي جي تعليمي طريقي ڪار جي اهميت ۾ اضافو ڪيو آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.