طلال چوڌري تي تشدد جو واقعو ڌرين جو ذاتي معاملو قرار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي جاچ ڪميٽي طلال چوڌري تي تشدد جي واقعي کي ڌرين جو گڏيل معاملو قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪميٽي موجب ذاتي معاملي کي پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڌريون ٺاهه چاهين ٿيون يا قانوني ڪارروائي، اهو انهن جو ذاتي معاملو آهي.

ڪميٽي جاچ بابت ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

طلال چوڌري تي تشدد جي معاملي تي جاچ لاءِ ن ليگ ڪميٽي جي ميمبر سائرا افضل تارڙ چيو آهي ته ڪميٽي اڃا جاچ مڪمل ناهي ڪئي، حقيقتون ڄاڻڻ کانپوءِ ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين، ذاتي زندگي جي احترام جو خيال رکيو وڃي.

واضح رهي ته ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري ڪجهه ڏينهن اڳ فيصل آباد ۾ مبينا حملي ۾ زخمي ٿي پيو هو.

سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل الزام هڻندي چيو هو ته طلال چوڌري طرفان پنهنجي ئي پارٽي جي عورت ايم اين اي کي هراسان ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي، حڪومت هر صورت ۾ عورت ايم اين اي جي حفاظت ڪندي.

پوءِ ن ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبر عائشا رجب علي ٽوئيٽر تي بيان ڏيندي چيو هو ته جيئن سوشل ميڊيا ۽  اليڪٽرانڪ ميڊيا تي منهنجي ذات بابت ڳالهيون ٿيون، اها رڳو منهنجي نه پر سڀني عورتن جي تذليل آهي.

سنسد چوڻ هو ته مان به هڪ ماءُ آهيان، ڀيڻ آهيان، ڪنهن جي ڌيءُ آهيان ۽ هڪ عزتدار گهراڻي سان واسطو رکان ٿي، منهنجو ڪنهن معاملي سان ڪو واسطو ناهي، ٻڌل ڳالهين تي يقين ڪري منهنجي عزت تي سوال نه اٿاريو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.