آصف زرداري جو صحافين جي سوال تي دلچسپ تبصرو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري احتساب عدالت طرفان فرد جرم لاڳو ٿيڻ ۽ اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس جي فيصلن بابت صحافين جي سوال تي دلچسپ تبصرو ڪيو آهي.

پ پ صدر آصف علي زرداري ڌيءُ آصفه ڀٽو زرداري ۽ ڀيڻ فريال ٽالپر سان گڏ اسلام آباد جي احتساب عدالت پهتو، جتي مٿس ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.

ان موقعي تي عدالت کان موٽندي هڪ صحافي آصف زرداري کان سوال ڪيو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ تي توهان ڇا چوڻ چاهيندئو؟ ان تي اڳوڻي صدر وراڻيو ته ”يه تو وهي جگه هي گذري ٿي هم جهان سي“.

پ پ اي پي سي جي فيصلن موجب نواز شريف سان گڏ بيٺي هوندي؟ جي سوال تي آصف زرداري مختصر جواب ڏنو ”انشاءَالله“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.