کپري ويجهو کاڙت ۽ ڀيل برادري ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

کپرو (ن ع آ)کپري ويجهو ڳوٺ ڇوئي چانهيون ۾ کاڙت برادري ۽ ڀيل برادري جي وچ ۾  ٻني جي ڪم تان جهيڙو ٿي پيو، نتيجي   ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ منجي، رام ۽ چند ڀيل شامل آھن، زخمين کي ڳوٺاڻا تعلقي اسپتال کڻي آيا. ڀيل برادري موجب، هاري ٻني تي ڪم ڪري رهيا هئا ڪم بند ڪرائڻ لاءِ کاڙت برادري جا ڪجھ ماڻھو آيا، انهن اچي ڪم بند ڪرايو، نه ڪرڻ تي کاڙت ڌر جي ماڻھن لٺيون هڻي ڀيل برادري جا 3 ماڻھو زخمي ڪيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.