نئين آباد ۾ ايس ٽي پي جو منشيات خلاف احتجاج

ڄام نواز علي (ن ع آ)نئون آباد شهر ۾ ايس ٽي پي پاران جبار جوڻيجو ۽ علي ڏنو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ وڌندڙ منشيات  جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته پوري ضلعي ۾ پوليس سرپرستي هيٺ منشيات هلي رهي آهي جنهن سبب انساني زندگيون تباهه ٿي رهيون آهن پوليس عدالتي حڪم به ٿڏي ڇڏيا آهن منشيات جي خاتمي لاءِ پوري ضلعي ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آھي، هنن چيو ته چپي چپي ته منشيات جو وڪرو سري عام هلندڙ آهي پوري ضلعي ۾ وڏين گاڏين ۾ منشيات سپلا ئي ٿئي ٿي پر حد جي  پوليس ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ننڊا ننڊا ٻار به منشيات جا عادي بڻجي ويا آهن ضلعي ۾ امن ته پوليس ڪارائي نه سگهي آهي ويتر منشيات فروشن کي کلي عام ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي منشيات جي وڏن ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

سڪرنڊ ۾ سڀاڻي ايم آرڊي جي شهيدن جي ورسي ملهائي ويندي

سڪرنڊ ( ن ع آ ) ايم آر ڊي 1983 تحريڪ دوران سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ 16 شهيدن جي 37 هين ورسي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ سادگي سان ملهائي  ويندي. سندن وارث اڄ به پنهنجي شهيد پيارن کي ياد ڪري پنهنجي اکين مان لڙڪ هاريندا رهن ٿا. 29 سيپٽمبر ايم آر ڊي هلچل جي شهيدن جا وارث ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ سندن وارث شهيدن جي آخري آرامگاهن تي گلن جو چادرون چاڙهي دعا گهرندا. ان بعد ايم پي اي غلام قادر چانڊيو جي رهائشگاهه تي شهيدن جي روح کي ايثال ثواب بخشڻ لاءِ قرآن خواني ڪري خيرات جي ماني ڪئي ويندي. جڏهن ته سرڪاري سطح تي ڪو به پروگرام ترتيب نه ڏنو ويو آهي نه ئي پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت پاران شهيدن جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته ڪو به سرڪاري پروگرام اڃان تائين ترتيب نه ڏنو ويو آهي. جڏهن ته اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ ايم آر ڊي جي شهيدن جي ورسي تقريب دوران اعلان ڪيو هو ته شهيدن جي مزارن کي پڪيون چوکنڊيون ٺهرايون وينديون ۽ سندن يادگار تعمير ڪرايو ويندو. ان سميت ڪيل ٻين اعلانن تي اڃا تائين ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي.

سڪرنڊ ۾ سڀاڻي مرحوم سيد امداد محمد شاهه جي ورسي ملهائي ويندي

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سنڌ جي نالي واري سماج سڌارڪ، سياستدان ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر ايم پي اي مرحوم سيد امداد محمد شاهه جي 16 هين  ورسي سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سندس آخري آرامگاهه تي 29 سيپٽمبر اڱاري جي ڏينهن صبح 9 وڳي سندس آخري آرامگاهه تي سادگي سان ملهائي ويندي، سندس پاران سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن عيوض لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي,سندس آخري آرامگاه تي ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه , امداد فائونڊيشن جو چيئرمين سيد ضياء شاهه , پروفيسر انعام ڀٽي , ايس يو پي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ , مجيب ماڇي,  ليکڪ غلام حسين جوڻو , ايس يو پي تعلقه سڪرنڊ جو صدر قربان مگسي ,ايس يو پي ضلع نوابشاه جو صدر ڌڻي بخش ڪلوئي , غلام مصطفي ڪيريو ,  عمران ڪيريو سميت ٻيا اڳواڻ پهچي سيد امداد محمد شاهه جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.