وفاق گلگت بلتستان ۾ شفاف ۽ آزاد چونڊن ۾ رنڊڪ نه بڻجي: شهباز شريف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان حساس قومي معاملو آهي، جيڪو ڪشمير ڪاز سان جڙيل آهي.

لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت ان معاملي کي پنهنجي سياست جي ور نه چاڙهي، وفاقي حڪومت گلگت بلتستان ۾ شفاف ۽ آزاد چونڊن جي عمل ۾ رنڊڪ نه بڻجي.

هن چيو ته حڪومتي رويي کي ڏسندي ڪنهن قسم جو سهڪار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي اسپيڪر کي ڪو اختيار ناهي ته گلگت بلتستان جي چونڊ معاملن ۾ مداخلت ڪري.

سندس موجب اي پي سي جي اجلاس ۾ منظور ڪيل ٺهرائن ۽ فيصلن جي پاسداري ڪنداسين، حڪومت قومي مفاد ۾ اپوزيشن جي هر سهڪار کي لَت هڻي ڇڏي ۽ ان کي پنهنجي سياسي ڊرامي بازي لاءِ استعمال ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.