ڀان سيدآباد: منگي ويلفيئر آرگنائيزيشن جو بسما منگي کي مبينا اغوا ۽ حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

ڀان سيدآباد ۾ منگي ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران مئٽرڪ جي شاگردياڻي بسما منگي کي مبينا اغوا ۽ حراسان ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

منگي ويلفيئر آرگنائيزيشن  جي اڳواڻن رياض حسين منگي، ڪريم بخش عمراڻي ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيوته  ڀان پوليس بسما منگي ڪيس کي هٿ سان لوڙهي رهي آهي، پوليس ايف آءِ آر ۾بسما جي ذات تبديل ڪري ڇڏي آهي.

هنن چيوته بسما منگي سنڌ جي نياڻي آهي، کيس انصاف ڏيارڻ لاء عدالت جو در کڙڪائينداسين، نياڻي کي حراسان ڪري بدنام ڪيوويو آهي.

هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف جسٽس سنڌ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.