مودي جي هوندي پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جو ڪو امڪان ناهي: شاهد آفريدي

 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته جيستائين نريندر مودي ڀارت جو وزيراعظم آهي پاڪستان ۽ ڀارت جا ڪرڪيٽ لاڳاپا بهتر نٿا ٿي سگهن.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي شاهد آفريدي چيو ته پاڪستاني حڪومت هر وقت تيار آهي پر ڀارت جي موجوده حڪومت کي ڏسندي ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپن جي بحاليءَ جو ڪو امڪان ناهي، جيستائين مودي اقتدار ۾ آهي، مون کي ائين ٿيندي ممڪن نظر نه پيو اچي.

هن چيو ته راندين کي ٻن ملڪن جا لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، خاص طور اهڙي جاءِ جتي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي لاءِ ڪرڪيٽ مذهب جو درجو رکندي آهي، منهنجي خيال ۾ اتي راندين سان لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.