اسلاموفوبيا جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد وزيراعظم عمران خان ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو معاملو اٿاريندي چيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي جي نالي تي نبي ڪريم صه ۽ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي وئي اسلاموفوبيا جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ڪو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو وڃي.

اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چئي. ڪورونا وائرس جي وبا سبب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس هن ڀيري ورچوئل طريقي سان منعقيد ٿيو، اجلاس ۾ اڳواڻن جو رڪارڊ ٿيل خطاب نشر ڪيو ويو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڀارت حڪومت پاڪستان جي خلاف ڪا به اڳرائي ڪئي ته پاڪستاني قوم ان جو ڀرپور جواب ڏيندي. اسان عالمي برادري کي ڀارت طرفان ڪوڙن آپريشن سوڌو ڪارروائين کان آگاهه رکو آهي، پاڪستان ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي اڳرائي ۽ ڀڃڪڙين باوجود صبر جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.

عمران خان چيو ته ڪشميرين ڀارتي قبضي مان آزادي لاءِ نسلن کان پنهنجون حياتيون قربان ڪندا آيا آهن، والاريل علائقي جو تناسب تبديل ڪرڻ جنگي ڏوهه آهي،

هن چيو ته مختلف ملڪن ۾ مسلمان نفرت ۽ ظلم کي منهن ڏئي رهيا آهن، دنيا ۾ اسلاموفوبيا ۾ واڌ ٿي، مزارن کي نقصان پهچايو ويو، اظهار راءِ جي آزادي جي نالي تي اسان جي نبي ڪريم صه جي توهين ٿي، قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي وئي، فرانسيسي اخبار چارلي هيڊو ۾ هڪ ڀيرو ڇپيل اسلام مخالف خاڪو ان جو زندهه مثال آهن، اسلاموفوبنيا جي خاتمي لاءِ ڪو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو وڃي.

هن چيو ته عالمي برادري لازمي طور تي انهن سنگين ڀڃڪڙين جي تحقيق ڪري، ڀارتي ظلمن جي شاهد گڏيل قومن جي انسان ڪمشنر، انساني حقن جي ڪائونسل جي نمائيندن جي رپورٽ آهي.ڀارت ڪشمير تي غير قانون قبضو ڪيو آهي، آر ايس ايس جا غنڊا مسلمانن کي حملن جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.