اسلام ڪوٽ لڳ آر او پلانٽ جو تيل 8 مهينن کان بند، احتجاج

مٺي (بيورو چيف) سنڌ حڪومت طرفان لکين رپين جي لاڳت سان ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾لڳايل آر او پلانٽ پبلڪ کاتي جي نااهلي سبب خراب پيل اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ جوڳي مڙهي ۾سنڌ حڪومت جي سهڪار سان لڳل آر او پلانٽ جيڪو تيل تي هلندو آهي انتظاميا هر مهيني تيل مهيا ڪندي هئي پر هينئر ڪيترن ئي ڏينهن کان ملندڙ تيل بند ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺ جوڳي مڙهي ۾ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تيل تي هلندڙ آر او پلانٽ 8 مهينن کان پيل آهي، ڳوٺ جي 30 هزار کان مٿي آبادي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان محروم آهي، ڳوٺ جوڳي مڙهي جي رهواسين صادق، برڪت، علي گوهر، محمد ڪنڀر، قمرالدين ڪنڀر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جوڳي مڙهي ۾ سنڌ حڪومت وڏي ۾ وڏو آر او پلانٽ لڳائي ڏنو آهي. انتظاميا 8 ميهنن کان آر او پلانٽ ۾ استعمال ٿيندڙ تيل بند ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري آر او پلانٽ بند پيل آهي پاڻي پيئڻ پريشان آهيون. اسان سيشن جج ٿرپارڪر کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي ڳوٺ ۾ آر او پلانٽ جو نوٽيس ورتو وڃي ته جيئن تيل ملي سگھي ۽ اسان پاڻي پي سگھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.