ڪوٽ غلام محمد :ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان جا ٿيلها ورهائڻ جي تقريب

ڪوٽ غلام محمد جي ٻن يوسين ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيلن ۾ شيخ بن زيد النيهان فائونڊيشن دبئي پاران راشن بيگ ورهائڻ جي تقريب ٿي ۔ ۔ان موقعي تي شيخ بن زيد النيهان فائونڊيشن جي ميڊم خديجا ۔ اڳوڻو ضلعي چئيرمين نوابزاده مير انور ٽالپر ، پ پ پ ايم پي اي رئيس نور احمد ڀرڳڙي ۽ ٻيا موجود هئا ، ۔شيخ بن زيد النيهان فائونڊيشن دبئي جي اڳواڻ ميڊم خديجا  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته  انهن کي خبر پئي ته پاڪستان ۾ برساتن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ان ڪري انهن جي فائونڊيشن جي اونر شيخ بن زيد النيهان انساني همدردي ناتي هتان جي عوام لاء راشن موڪليو آهي

هنن چيو ته  فائونڊيشن جي انهي عمل سان حڪومت کي به ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.