سجاول: ميرپوربٺورو ۾جبري کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ مظاهرو، ڌرڻو

ميرپوربٺورو ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس پاران سنڌ مان جبري کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاء احتجاجي مظآهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ناليواري اديب تاج جويو، سهڻي جويو، مريم اسلم خيرپوري جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جي اڳواڻي ۾ علي بندر چوڪ کان نيشنل بئنڪ چوڪ تائين مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي وئي ، ان موقعي موقعي تي وائيس فار مسينگ پرسنس جي اڳواڻ سهڻي جويو ، سنڌ جي دانشور ۽ اديب تاج جويو  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاء پاڻمرادو نوٽيس وٺي ، کنڀي گم ڪيلن جي وارثن کي انصاف ڏنو وڃي

احتجاجي مظاهري  کي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر فتح محمد کوسو جي پٽ نصيب الله کوسو،امام بخش خاصخيلي، ۽ ٻين  پڻ خطاب ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.