لاڙڪاڻي جا 5 کنڀيل نه موٽيا، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل پنجن نوجوانن انصاف دايو، غلام مرتضيٰ سولنگي، غلام عمر مغيري، شيراز احمد ۽  سندس ڀاءُ فراز احمد سومرو جي آزاديءَ لاءِ وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي انصاف دايو جي ڀينرن اقصيٰ دايو، افسانه دايو، نصرت دايو، غلام مرتضيٰ سولنگي جي پيرسن پيءُ عبداللطيف سولنگي، غلام عمر مغيري جي ڀاءُ ضياءَ الدين مغيري، شيراز احمد ۽ فراز احمد سومرو جي پيرسن امڙ رحمت خاتون سومرو صحافين آڏو دانهيو ته انصاف دايو کي 29 مئي 2017 تي شهر جي نظر پاڙي مان، اسٽيٽ لائيف جي ملازم غلام مرتضيٰ کي 22 نومبر 2017ع تي شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان، غلام عمر مغيري کي 26 نومبر 2019ع تي شهر جي خالق ڪالوني مان جڏهن ته ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺ مان گذريل 23 آگسٽ ٻن ڀائرن شيراز احمد ۽ فراز سومرو کنڀي گم ڪيو ويو هو. هنن چيو ته اسان پنهنجي پيارن جي آزاديءَ لاءِ مسلسل احتجاج ڪندا پيا اچون پر اڄ ڏينهن تائين هو آزاد ٿي نه سگهيا آهن جنهن ڪري اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي پر افسوس جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.