پاڪستان ـ ايران ساليانو واپار پنج ارب ڊالر تائين پهچائڻ وارو خواب

سدا حيات جلباڻي

جڳ جي تاريخ ٻڌائي ٿي تـ زماني ۾ اهي ئي قومون سوڀاريون ٿيون آهن، جن علم، صنعت ۽ واپار تي ڏيان ڏنو آهي. سترنهن سيپٽمبر تي ٿيل هڪ گڏجاڻيءَ ۾ پاڙيسري ملڪن وچ ۾ جائز واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ اسمگلنگ جو خاتمو ڪرڻ خاطر وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي تـ پاڪستان ـ ايران ۽ پاڪستان ـ افغانستان دنگن سان لڳو لڳ ارڙهن مارڪيٽ قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم بلوچستان ۾  پائلٽ پروجيڪٽ طور ٻـ مارڪيٽ کولڻ لاءِ هائو ڪئي آهي. اهي مارڪيٽ ايندڙ سال فيبروري مهيني ۾ کوليا ويندا.

گذريل  مالي سال جا انگ اکر ظاهر ڪن ٿا تـ پاڪستان لڳ ڀڳ ايڪهٺ ارب ڊالر غير ملڪي شيون ٻاهران گھرائڻ تي خرچ ڪيا ۽ هتان مال ٻاهر موڪلي ٽيويهـ ارب کان ٿورو وڌيڪ ڊالر حاصل ڪيا. ائين ملڪ کي اٽڪل اٺٽيهـ ارب ڊالرن جو واپاري گھاٽو ٿيو آهي. سوچي سمجھي قدم کڻجن تـ  پاڙيسري ملڪن سان واپار هميشه  فائديمند رهندو آهي. پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڪل واپار ٽي سو اسي ملين ڊالر جي برابر آهي. جنهن مان ٻـ سو اسي ڊالرن جي ايران مان امپورٽ آهي ۽ هتان ايڪسپورٽ صرف پنجٽيه ملين ڊالر آهي. ائين ايران سان واپار ۾  پاڪستان کي ٻـ سو پنجيتاليهـ ملين ڊالر جي ٽوٽ پئي آهي. توڻي چين ايران جو  دنگئي ملڪ نـ آهي. تڏهن بـ ايندڙ ٿورڙن سالن  ۾ ايران سان پرڏيهي واپار ڇهـ سو ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙي ريت امريڪي پابندين باوجود هندوستان هوشياريءَ سان ايران ڏانهن ايڪسپورٽ ارڙهن ارب ڊالر تائين وڌائي ويو آهي. پاڪستان ۽ ايران ٻـ هزار نو ۾ گيس سيل پرچيز ايگريمينٽ (جي اسي پي اي) تي اتفاق ڪري صحيحيون ڪيون آهن. ان عمل کي نتيجو ڏيڻ وارو بنائڻ  جي ضرورت آهي. گوادر کان نواب شاهـ تائين گيس پائيپ لائين ٺاهڻ جو ڪم سي پيڪ جو حصو آهي. اهو ترت پورو ٿيڻ گھرجي.

پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ هڪ هزار ڪلوميٽر ڊگهي بارڊر آهي. بلوچستان زميني  طرف کان واپار جو مک دروازو آهي. ڪوئٽا واري پاسي کان  تافتان ۽ مڪران واري طرف کان تربت  لڳ مند وارو هنڌ پاڪستان ايران واپار جا وڏا لنگھ آهن. ٻنهي هنڌن تي پاڪستان ۽ ايران جا گڏيل مارڪيٽ قائم ڪري سگھجن ٿا.  گڏيل مارڪيٽ ۾ پاڪستاني ۽ ايراني ڪمپنين جي هڪ جيتري انگ کي اسٽال لڳائي پنهنجو مال وڪرو ڪرڻ، خريد ڪيل مال تي ڊيوٽي وغيرهـ نـ لڳائڻ  ۽ ڪسٽم ڪليئرنس جون جديد سهوليتون مهيا ڪري انهن لنگھن مان مڪمل فائدو وٺجي تـ واپار جو انگ ساليانو پنج ارب ڊالرن تائين پهچائڻ  جو خواب پورو ڪرڻ ۾ گھڻي  مدد ملي سگھي ٿي. ان عمل سان علائقي ۾ يقينن اقتصادي سرگرميون وڌي وينديون.

ايران اٺ ڪروڙ ماڻهن جو وطن آهي. اتي نيون عمارتون جوڙڻ ۽ روڊ رستا ٺاهڻ لاءِ  سيمنٽ، ماربل ۽ ڪنسٽرڪشن ميٽيريل جي ڏاڍي گھرج آهي. سنڌ جي جبلن ۾ گرينائيٽ ۽ ماربل ججھو آهي. سنڌ جون ڪمپنيون ايراني سيڙپڪارن سان گڏجي انهن جبلن مان گرينائيٽ ۽ ماربل ڪڍي ٽائيلس بڻائي ايران ۽ اڳتي ترڪيءَ  ڏانهن ايڪسپورٽ ڪري سگھن ٿيون. پاڪستان سرڪار کي گھربل سهوليتون ميسر ڪرڻ کپن. ايران صُوفن ۽ کارڪن سميت ميون جي پروسيسنگ، پيڪنگ ۽ ملهـ وڌائڻ جي ميدان ۾ ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. هن سلسلي ۾ ايران کان  گھڻو ڪجھ سکڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۽ ايران وچ ۾  واپاري وفدن جا تبادلا ڪري تعاون جون نيون راهون ڳولي سگھجن ٿيون. ايرانين کي گھربل ترغيبون، سهوليتون ۽ رعايتون ڏيئي خيرپور اسپيشل اڪانومڪ زون (ڪي ايس اي زيڊ) ۾ سيڙپڪاري لاءِ آمادهـ ڪري سگھجي ٿو.

سنڌ ۽ ايران وچ ۾ صديون پراڻا روايتي گهرا مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. سنڌ ۾ مادري ٻولي سنڌيءَ  بعد  فارسي سڀني کان وڌيڪ مقبول زبان رهي آهي جاگرافيائي ويجھڙائي، مذهبي هيڪڙائي، تاريخي ثقافتي ناتا، سيستان بلوچستان واري  گڏيل ٻولي بلوچي (سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو پهرئين زبان ـ فرسٽ لينگوئيج ـ طور بلوچي ڳالهائيندا آهن) هجڻ ڪري سنڌ ۽ ايران ۾ واپار وڌائڻ جا امڪان تمام گھڻا آهن. لاڳاپن کي ادارتي صورت ڏيڻ لاءِ سنڌ ايران بزنيس ڪائونسل ٺهڻ گھرجي. ڪائونسل هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ هر ڇهين مهيني نمائشن جو اهتمام ڪندي رهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.