عوام کي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي جمهوريت نه هوندي ته عوام جي حق تي ڌاڙو هنيو ويندو، پي ٽي آءِ جو ٻن سالن جو تجربو اسان جي سامهون آهي.

اي پي سي جي ميزبان بلاول ڀٽو زرداري ڪُل جماعتي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته جمهوريت بنا معيشت ۽ معاشري کي هر پاسي کان ڪمزور ڪيو ويندو آهي، ڪوشش هئي ته اي پي سي بجيٽ کان اڳ ٿئي، عوام هن اي پي سي جي ٺوس حڪمت عملي چاهي ٿو، عوام چاهي ٿو ته آئين موجب انهن کي حق ڏيڻ جو واعدو پورو ٿئي، عوام اسان ڏانهن واجهائي رهيو آهي.

هن چيو ته اسان کي ايوانن تان قبضو ڇڏائي انهن کي آزاد ڪرائڻو پوندو، فورم جيڪو به فيصلو ڪندو پ پ ان سان گڏ هوندي، ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ نڪرڻو پوندو، در در وڃي عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻو آهي، عوام نئين نسل لاءِ اسان سان گڏجي جمهوريت جو مطالبو ڪري.

سندس چوڻ هو ته معاشري ۾ ڏوهن جي شرح وڌي رهي آهي، برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ عوام کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي، انهن ماڻهن کي هر ايوان ۾ للڪارڻو پوندو، عوام کي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري رهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.