روس ۾ جاري گهڻ قومي مشق ”قفقاز 2020“ ۾ پاڪ فوج جي شرڪت

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) روس ۾ جاري گهڻ قومي فوجي مشق ”قفقاز 2020“ ۾ پاڪ فوج به شريڪ آهي.

آءِ ايس پي آر موجب روس جي ڏکڻ علائقي استراخان ۾ ٿيندڙ گهڻ قومي مشق ”قفقاز 2020“ جي افتتاحي تقريب ۾ پاڪ فوج جي دستن به شرڪت ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته گهڻ قومي فوجي مشق ”قفقاز 2020“ 21 کان 26 سيپٽمبر تائين جاري رهندي، فوجي مشق جو مقصد مختلف چئلينجن تي فوجين جي ردعمل جي صلاحيت جاچڻ ۽ هڪٻئي جي تجربن مان سکڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.