لاڙڪاڻي ۾ شهدادڪوٽ واسين جو بااثرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ شهدادڪوٽ شهر جي مستوئي پاڙي جي رهواسين طرفان بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ حاڪم علي جوڻيجو، علي جان جوڻيجو، عبدالغني جوڻيجو، اصغر علي جوڻيجو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي مائٽن بخشل جوڻيجو ۽ اي ايس آءِ غلام علي جوڻيجو وارن سان هڪ سال اڳ گهريلو معاملن تان جهيڙو ٿي پيو هيو، جنهن معاملي جو راڄوڻي فيصلو ٿيل آهي. ، جڏهن ته فيصلي موجب اسان کين 5 لک چٽي پڻ ڀري ڏني هئي، پر ان باوجود بااثرن مائٽ بخشل جوڻيجو پنهنجي ڀاڻيجي احمد جوڻيجو کي اغوا ڪرائي الزام اسان جي مٿان لڳايو، جنهن ڪيس ۾ شهدادڪوٽ پوليس گذريل 8 محرم تي اسان جي 4 ڄڻن عبدالغني جوڻيجو، حاڪم علي، علي جان ۽ اصغر جوڻيجو کي گرفتار ڪري 3 ڏينهن لاڪ اپ ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ کين 80 هزار روپيا رشوت وٺي آزاد ڪيو، جڏهن ته اغوا ڄاڻايل نوجوان احمد جوڻيجو هڪ هفتو اڳ بازياب ٿي گهر پهتو آهي، ان عرصي دوران پوليس طرفان بخشل جوڻيجو سميت اسان جا فون نمبر ٽريس ڪيا، جنهن مان معلوم ٿيو ته بخشل جوڻيجو ڌاڙيلن کان پنهنجي ڀاڻيجي احمد جوڻيجو کي اغوا ڪرائي اسان کي ڦاسائڻ لاءِ سڄو ڊرامو رچايو، هن وقت بااثر مائٽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جيڪو ناانصافي آهي. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.