ٽنڊي الهيار ۾ موٽرسائيڪلون ڦر ڪندڙ گروهه جا 4 ڄڻا گرفتار

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) ڊي ايس پي سي آئي اي اسلم لانگاهه سي آئي اي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان کي خبر پئي ته  مشائخ هوتي لڳ ابراهيم شاه لنڪ روڊ تي ڪجهه اڻڄاتل ڏوهارين جو گروهه لڪي ويٺو آھي جنهن بعد اسان پنهنجي ٽيم سان گڏجي اتي چارو طرف گهيراو ڪيوسين اسان کي ڏسي ڏوهارين فائرنگ ڪئي ۽ اسان به فائرنگ ڪئي ڪجهه دير بعد ڏوهارين جي فائرنگ جو آواز بند ٿي ويو جنهن بعد جوابدار سليم مري .مير محمد مري . پرو ۽ مٺو ڪولهي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٻه رپيٽر . هڪ سيون ايم ايم . ھڪ پسٽل ۽ ڇهه ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون برآمد ڪري ورتيون جڏھن ته هنن جو هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.  هن چيو ته هي موٽرسائيڪلون ۽ ٻيون چوري ۽ ڦر ڪرڻ وارن جو هڪ وڏو گروهه جنهن جا چار ڄڻا گرفتار ڪيا آھن جن ماڻھن کي وڪرو ڪن ٿا انهن جي به اسان کي خبر پئجي چڪي آھي جلد انهن جا به چهرا بي نقاب ڪنداسين ڏوهاري ڪيڏا بااثر ڇو نه هجن پر قانون جي گرفت کان بچي نٿا سگهن اسان وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آھيون ته هنن ڏوهارين جا ڪهڙن ڪهڙن ٿاڻن تي ڪيس آھن ان موقعي تي سي آئي انچارج علي بخش شاهه . ايس ايڇ او مظھر مهندي . آفتاب ميمڻ . شمس کوکر ۽ ٻيا موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.