گمبٽ ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي، ڪيترائي ڇپرا ڊاهي پٽ

گمبٽ ( ن ع آ ) گمبٽ ۾تيزي سان وڌندڙ حد دخلين کي هٽائڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽر اقبال حسين جنڊاڻ ۽ سي ايم او شهريار کرل جي حڪم تي اسسٽنٽ  مختيارڪار غلام الله سروهي اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ساڻ ڪري  گمبٽ قومي شاهراه کان وٺي غريب آباد تائين انڪروچمينٽ کي هٽايو ويو. حد دخليون ڪندڙ دڪاندارن جا اينٽي انڪروچمينٽ پوليس دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا.ڪيترن دڪاندارن جو ٻاهر پيل سائين بورڊ سندل ۽ ٻيو سامان ضبط ڪيو ويو..هوڏانهن دڪاندارن جو چوڻ هوته  انتظاميه صرف غريبن جا ڇپرا هٽرائي ۽ دڪا ڊاهي نقصان ڪري رهي آهي، بااثرن جا دڪا هٽائڻ لاءِ  ڪو به تيار نه آهي، انڪروچمينٽ هٽائي سڀني سان هڪجهڙو انصاف ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر اقبال حسين جنڊاڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شهر ۾ وڌندڙ حد دخلين خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيو آهي، اسٽيشن روڊ، راڻيپور روڊ، ڀٽائي چوڪ سميت مختلف هنڌن تان انڪروچمينٽ کي هٽرايو ويو آهي ۽ ٻاهر پيل سامان ضبط ڪيو آهي انڪروچمينٽ ڪندڙ دڪاندارن کان معافي نامه وٺڻ بعد ڏنڊ وصول ڪري سامان واپس ڪيو ويندو ۽ روزانه جي بنياد تي شهر مان انڪروچمينٽ هٽائي شهرين کي صاف سٿرا رستا مهيا ڪيا ويندا ته جيئن شهري رش کان بچي سگهن.

بٺوري ۾ عورت جو احساس ڪفالت سينٽر انتظاميا خلاف احتجاج

سجاول (ڊ ر)  ميرپوربٺورو ۾ ڳوٺ عارب جانوري جي رهواسين پيرسن عورت سائيڻ جانوري پنهنجي پٽ غلام مصطفيٰ  سان گڏ احساس ڪفالت پروگرام سينٽر ميرپوربٺورو جي انتظاميا جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي ڄاڻايو آهي ته ميرپوربٺورو ۾ قائم احساس ڪفالت پروگرام سينٽر تي پنهنجو نالو رجسٽر ڪرائڻ لاءِ دروازي تي بيٺل هئس ته دروازي تي بيٺل پٽيوالي   جي غلطي سبب منهنجو آڳوٺو لوهي دروازو بند ڪرڻ سبب چيڀاٽجي ويو.  منھنجي رڙين بعد احساس پروگرام جي انتظاميا پاران دروازو کوليو ويو، جڏهن ته  پٽيوالي پاران ڪيل پنهنجي غلطي مڃڻ بجاءِ اسان کي گارگند ڪندي ڌمڪيون ڏئي روانو ڪري ڇڏيو، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.