خانپور مهر لڳ عورت کي ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ جي ڪوشش

خانپورمهر(رپورٽر) خانپورمهر ويجهو مڙس پاران زال کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي ڪوشش، عورت زخمي حالت ۾ اسپتال  داخل، خبر موجب خانپورمهر ويجهو ڳوٺ عالم خان گڏاڻي ۾ جوابدار مڙس امام الدين گڏاڻي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهر واري مسمات فاطمه گڏاڻي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدار پاران عورت مٿان لٺين جو استمعال ڪيو ويو جنهن سبب هو زخمي ٿي پئي ۽ فرار ٿي پنهنجي والدين جي گهر پناھ ورتي جتان کيس زخمي حالت ۾ خانپورمهر ٿاڻي ٿي آڻڻ بعد گهوٽڪي اسپتال نيو ويو آهي هوڏانهن خانپورمهر ٿاڻي تي جوابدار خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.