ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جي زيادتين خلاف ڌرڻو، انڊس هاءِ وي بند

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي+عرفان علي کوسو)  پوليس جي زيادتين خلاف جي يو آءِ ۽ چاچڙ برادري پاران ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪنڌڪوٽ جي جهولي لال انڊس هاءِ وٽ ڌرڻو لڳايو ويو ڌرڻي ۾ جي يو آءِ  ڪارڪنن ۽ چاچڙ برادري جي ماڻهن پوليس خلاف شديد نعري بازي ڪئي ڌرڻي سبب چئني صوبن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون وڏي تعداد ۾ قطارن جي صورت ۾ بيهجي ويون انڊس هاءِ وي تي جي يو آءِ ۽ چاچڙ برادري پاران لڳايل ڌرڻو 2 ڪلاڪن تائين جاري رهيو جنهن سبب مسافرن شديد مشڪلاتن کي منهن ڏنو ڌرڻي ۾ جي يو آءِ اڳواڻن ۽ چاچڙ برادري جي ماڻهن رئيس عرض محمد چاچڙ،جمال الدين اوڳاهي،خان محمد ملڪ،عرفان علي کوسو ۽ ٻين چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪرڻ بجاءِ ڏوهارين جي چوڻ تي شريف ماڻهن خلاف رڻ  ٻاري ڏني آهي هنن چيو ته پوليس ضلعي اندر بدامني تي ٻجو نه ڏياري سگهي آهي،  ضلعو ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آهي، هنن چيو ته جاگيراڻي برادري جي جهيڙي سان چاچڙ برادري جو ڪو وجه نا واسطو آهي پر پوليس سياسي مخالفن ۽ ڏوهارين جي چوڻ تي چاچڙ برادري جي چڳي مڙس رئيس عرض محمد چاچڙ ۽ ٻين بي قصور ماڻهن مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  ناحق داخل ڪيل ايف آءِ آر خارج ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.