اڪثريت باوجود مخالف ڌر کي شڪست، ايف اي ٽي ايف بابت بل منظور

اسلام آباد( م ڊ) سينيٽ ۾ ناڪامي جو شڪار حڪومت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اڪثريت ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. مخالف ڌر جي سخت مخالفت ۽ گوڙ باوجود اينٽي مني لانڊرنگ بل، دهشتگردي روڪ ترميمي بل ٽئين سميت 5 بل اڪثريت راءِ سان منظور ٿي ويا.  مخالف ڌر سخت احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، اسپيڪر ۽ ميمبرن جون  چڪريون، ڊائيس جو گهيرو ڪري ايجنڊائون اڇلايون ويون. فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي هدايت هيٺ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي هدايتن جي روشني ۾ مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد ۽ ٻين معاملن تي قانونسازي ۾ سينيٽ اندر مخالف ڌر جي اڪثريت جي ڪري پيش ايندڙ رنڊڪن سبب حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو.  اجلاس ۾ اينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل، دهشتگردي روڪ ٽيون ترميمي بل 2020 ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترميمي بل  ۽ اسلام آباد وقف ملڪيتن بل 2020 اڪثريت راءِ سان منظور ٿي ويا، مخالف ڌر پارليامينٽ ۾ عددي اڪثريت باوجود بل جي منظوري نه روڪي سگهي. اجلاس ۾ حڪومت جا 12 ۽ مخالف ڌر جا 34 ميمبر غير حاضر رهيا. مخالف ڌر جون سموريون ترميمون به رد ٿي ويون. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول، جماعت اسلامي امير سينيٽر سراج الحق، مولانا اسعد محمود ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وڏي اڪثريت موجود هئي.   اجلاس ۾ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ترميمي بل ۽ سروئينگ اينڊ ميپنگ بل به منظور ٿي ويو. ضمني ايجنڊا تحت ميڊيڪل ٽربيونل بل ۽ اسلام آباد معذور ماڻهن جي حقن جو بل 2020 به منظور ٿي ويو. اجلاس دوران شاهه محمود قريشي ۽ بابر اعواڻ جِي مخالفت بعد شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو کي ڳالهائڻ جِي اجازت نه ملي. شاهه محمود قريشي ۽ بابر اعواڻ چيو ته جيڪو ميمبر ترميم پيش نه ٿو ڪري، ان کي ڳالهائڻ جِي اجازت نه ڏني وڃي. پارلياماني معاملن بابت وزيراعظم جوخاص مددگار بابر اعواڻ بل پيش ڪرڻ شروع ڪيا ته رضا رباني اعتراض ڪيو ته عدالتي فيصلي تحت خاص مددگار بل پيش نه ٿا ڪري سگهن، جنهن تي فروغ نسيم سندس اعتراضن جي مخالفت ڪئي. ايوان ۾ سڀ کان پهرين اسلام آباد وقف بورڊ بل جي منظوري جو اعلان ٿيو ته مخالف ڌر پنهنجي اڪثريت جي دعويٰ ڪئي ته اسپيڪر ڳڻپ جو حڪم ڏنو، ڳڻپ ۾ سرڪاري ميمبر 200 ۽ مخالف ڌر جا 190 ميمبر ٿيا.  جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق ۽ اسپيڪر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، سينيٽ مشتاق چيو ته اسپيڪر خاص مددگار جي خاص غلامي ۾ قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ پارليامينٽ جي توهين پيو ڪري. اسپيڪر کيس چيو ته اوهان تقرير جو شوق پورو ڪري. اجلاس ۾ سرڪاري ۽ مخالف ڌر  ميمبرن ۾ هاٿا پائي به ٿي. ان کان اڳ  وفاقي سرڪار ٽيون ڀيرو قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ باوجود دهشتگردي جي روڪٿام وارو ترميمي بل سينيٽ مان منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي سينيٽ جي ميمبرن اڪثريت راءِ سان ترميمي بِل کي رد ڪري ڇڏيو. ووٽنگ دوران بل جي حمايت ۾ 31 ۽ مخالفت ۾ 34 ووٽ پيا، اجلاس دوران ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان ڪوآپريٽو سوسائٽي بل اڪثريتي راءِ سان منظورڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.