فريدآباد ۽ ڄامشوري مان کنڀيلن جي آزادي لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) فريد آباد ۽ ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن جي بازيابي لاءِ سندن گهرڀاتين پاران اعلانيل بک هڙتال ۽ احتجاج جي سلسلي ۾ ڪالهه پنجين ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي بک هڙتال جاري رکي وئي. ان موقعي تي صنم خاصخيلي، ناهيد خاصخيلي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته امتياز ۽ رياض کي نقاب پوش ماڻهن ڪيترو ئي وقت اڳ کڻي کين گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جو هاڻ تائين ڪو به ڏس پتو ناهي مليو. هن چيو ته امتياز کي 20 جون جي ڏينهن شورا ڳوٺ ڄامشورو مان ۽ رياض کي 11 جولاءِ جي ڏينهن فريد آباد جي ڳوٺ الهڏنو تيوڻو جي گهر مان گرفتار ڪري کڻي ويا آهن، جيڪي هينئر تائين گم آهن. هن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ بيگناهه آهن، جيڪڏهن انهن مٿان ڪيس داخل آهي ته جلد کين ڪورٽ ۾ پيش ڪري اتي ڪيس هلايو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.