ٽنڊي محمد خان ويجهو عورت نا فرمان پٽ هٿان بيدرديءَ سان قتل

ٽنڊومحمدخان (رپورٽ: حيدر شورو) ٽنڊومحمدخان ڀرسان نافرمان پٽ پنهنجي امڙ کي وزني پٿر هڻي بيدردي سان قتل  ڪري ڇڏيو جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو خبر موجب ٽنڊومحمدخان جي سعيد پور ٽڪر ڀرسان ڳوٺ سمن ملاح ۾ نافرمان پٽ اصغر ملاح پنهنجي 48 ورهين جي امڙ مسمات راستي ملاح کي وزني پٿر مٿي ۾ هڻي موقعي تي ماري ڇڏيو واقعي جو اطلاع ملڻ تي سٽي ٿاڻي جي پوليس لاش کڻي سول اسپتال ٽنڊومحمدخان آندو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان پوءِ ضروري ڪاروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي سٽي ٿاڻي جي پوليس ماءُ کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ سندس نافرمان پٽ اصغر ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي هوڏانهن قتل ٿيندڙ عورت جي مڙس غلام حسين ملاح جو چوڻ آهي ته منهنجي پٽ اصغر ملاح جو دماغي توازن درست ناهي هن وزني پٿر هڻي پنهنجي ماءُ کي ماريو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.