ميهڙ :2 مهينا اڳ قتل ٿيل نظر ٻگهيو جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو

ميهڙ ۾ ٻه مهينا اڳ قتل ٿيل نظر حسين ٻگهيو جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، وارثن محمد بخش اطهرحسين ، مظھرحسين ۽ ٻين جوچوڻ هو ته  جوابدار طالب حسين ٻگهيو ۽ ذوالفقار علي سڪندر، روشن۔ خالد ۔منظور ٻگهيو مٿان ڪيس پڻ داخل آهي پوليس مقتول جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاء قاتلن جي سھولتڪار بڻيل آهي ،  هنن چيو ته اسان روپوش قاتلن جي فون نمبرن جي سي ڊي آر ڪڍرائي آ جنهن جي لوڪيشن ثاقب ڪالوني ۾ آصف پنهور جي گهر جي آھي جتي رات ميهڙ پوليس ڇاپي جو ڊرامو رچائي قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي ڳري رشوت عيوض فرار ڪرايو ، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قاتلن کي ڦاسي تي چاڙھي انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.