مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار نعيم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ شهباز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت شهباز شريف جي وڪيل جي غير حاضري سبب ان جي عبوري ضمانت ۾ 21 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته نيب عدالت طرفان شهباز شريف جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.