غيبي ديري واسي جون چانڊيا سردارن خلاف دانهون

سکر(رپورٽر) قمبر تعليم جي غيبي ديرو واري علائقي جي رھواسي سماجي اڳواڻ ربن خان چانڊيو سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته پ پ پ جي 2 نام نھاد ظالم ۽ جابر ڀائر ايم پي ايز نواب سردار چانڊيو ۽ برحان چانڊيو جو  ڪاڇي جابلو پٽي ۽ جاگير جي عوام سان ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي. جابلو پٽي ڪاڇي ۽ جاگير ۾ تيل گئس ۽ قيمتي پٿر جا اڻ کٽ ذخيرا موجود آھن. طئي ڪيل عالمي معاھدي  مطابق ته جتان تيل گئس نڪرندو آھي ته اتي مقامي ماڻھن کي صحت تعليم، پيئڻ جو پاڻي ۽ روزگار جون سھوليتون ميسر ڪري ڏنيون وينديون آھن. پر بدقسمتي سان ته جاگير ۽ ٻين علائقن جي ماڻھن کي اھي سموريون صحولتون ته نٿيون ڏنيون وڃن پر ھتان جي ماڻھن کي سک سان جيئڻ به نٿو ڏنو وڃي  ڪاڇي ۽ جاگير ۾ صحت تعليم ۽ روزگار ته ناھي پر ھتان جي ماڻھن کي  پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪيترائي ڪلو ميٽر سفر طئي ڪرڻو پوي ٿو سخت گرمين ۾ ته ماڻھون پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپندا آھن.. جنھن جو واضع مثال اھو آھي ته تقريبن 2 سال اڳ مزاراڻي گئس فيلڊ واري علائقي ۾ ھڪ عورت پنھنجي معصوم ٻارڙي سميت پاڻي نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. اھو صرف ھڪ واقعو رپورٽ ٿيو آھي پر اھڙا ڪيترائي واقعا ٿيا آھن جن کي مقامي ميڊيا چانڊيا نوابن جي خوف کان رپورٽ ڪرڻ کان قاصر آھي. جيڪڏھن ڪو ماڻھون سوشل ميڊيا تي آواز اٿاري ٿو ته ان جو جيئڻ جنجال بنايو وڃي ٿو. چانڊيا نوابن تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ ڪاغذي ڪاروائي تحت  سوين ماڻھون ملازم طور ڀرٿي ڪرايا آھن پر انھن سڀني ملازمن جون پگھارون چانڊيا نواب پاڻ کڻندا آھن سوين ڪلو ميٽرن واري ايريا ۾ نه اسڪول آھي نه اسپتال آھي. ھن چيو ته چانڊيا نوابن کي تيل ۽ گئس ڪمپنيون صرف لوڪل ڊولپمينٽ سيڪٽر ۾ ساليانا ڪروڙين روپيا ڏين ٿا ۽ جبل مان نڪرندڙ مٺو پاڻي چانڊيا نوابن کان ڪمپنيون في ليٽر جي حساب سان خريد ڪن ٿيون جنھن جا به ڪروڙين روپيا ورتا وڃن ٿا  سياري ۾ عرب شڪاري جاگير ۾ اچي عياشي جا اڏا ٺاھي شوق شڪار ڪندا آھن ان وقت تقريبن 3 مھينن تائين جاگير جي ماڻھن کي گھرن مان نڪرڻ جي اجازت ناھي ھوندي. جيڪو به وڏو ظلم آھي  مقصد ته چانڊيا نوابن عوام لاء رڻ ٻاري ڏنو آھي مختلف برادرين کي پاڻ ۾ ويڙھائي رتو ڇاڻ ڪرائڻ سندن ڌنڌو بڻجي ويو آھي نوابن حمل ڍنڍ جو پاڻي روڪي پنھنجي ھزارين ايڪڙ ذرعي زمين آباد ڪئي آھي پر نتيجي ۾  جاگير کان وٺي خيرپور ناٿن شاھ تعلقي تائين لکين ايڪڙ ذرعي زمين غيرآباد ڪرائي ڇڏي آھي  اسان حڪومت پاڪستان، نيب ۽ ٻين ادارن کان گھر ٿا ڪريون ته چانڊيا نوابن جي جاگير جڏھن ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار عل ڀٽو قومي ملڪيت ۾ ورتي ھئي ته وڏن نوابن کي چڙھڻ لاءِ گاڏي به ھئي ته پوءِ ھاڻي اربين ۽ کربن جا مالڪ ڪيئن بڻيا اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سندن ملڪيتن جي تحقيقات ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.