صحافي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف شيخ ڀرڪيو ۾احتجاج

شيخ ڀرڪيو(ن ع آ) شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب جي عهديدار ۽ سينيئر صحافي مدثر نظر بلوچ سميت حيدرآباد جي نوجوان وڪيل وقار گل زنئور سميت سندن 15 رشتيدارن تي پٻڻ ٿاڻي  تيڪيس داخل ڪرڻ خلاف شيخ  ڀرڪيو ۾ صحافين ايڊووڪيٽ عباس ٿهيم، غلام مصطفيٰ ڪاتيار، جان محمد خاصخيلي، اي ڊي شاهاڻي، سلام الله ٿهيم، حاڪم خاصخيلي، ايم اشرف عمراڻي، راجو ٺاڪر،حسين بخش ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين چيو ته پٻڻ ٿاڻي جو بدمست ايس ايچ او اظهر ميمڻ رشوت عيوض هر اهو غلط ڪم ڪري ٿو جيڪو پوليس ڊپارٽمينٽ جي ساک متاثر ڪري ٿو.هنن چيو رات جي وقت شراب جي نشي ۾ هر وقت ڌُت رهندڙ ايس ايڇ او ڪجه ماڻهن جي ونگار وهندي صحافين مدثر نطر بلوچ سميت سندس رشتيدار وڪيل ۽ ٻين مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهن جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي..هنن چيو ته مدثر صبح کان رات تائين عبرت آفيس ۾ نيوز ڊيسڪ تي ڪم ڪري ٿو جنهن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ مذمت جوڳو عمل ۽ انتهائي ڪريل حرڪت آهي.صحافين ڊي آءِ جي حيدرآباد , اي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کان پُرزور مطالبو ڪيو ته ونگارو ايس ايڇ او پٻڻ خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري کيس گهر ڀيڙو ڪري صحافين ۽ سندس رشتيدارن مٿان داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.