ٺل جي احساس ڪفالت پروگرام سينٽر ۾ ڪنو پاڻي بيٺل

ٺل(رپورٽر)ٺل ۾ احساس ڪفالت پروگرام سينٽر ۾ نالين جو گندو پاڻي بيٺل،پوري علائقي ۾ بدبوءِ،سينٽر تي ايندڙ مستحق عورتون  پريشان،مستحق عورتن پاران گندو نالين جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو،خبر موجب ٺل جي مين پرائمري اسڪول ۾ هلندڙ احساس ڪفالت پروگرام سينٽر ۾ نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بيٺل آهي جنهن کي ميونسپل ڪاميٽي جي عملي پاران نيڪال ناهي ڪرايو ويو،جنهن سبب پوري علائقي ۾ بدبوءِ ڦهليل آهي،ڪورونا وائرس کانپوءِ احساس ڪفالت پروگرام سينٽر کي وري شروع ڪيو ويو آهي ته سوين مستحق عورتون روزانو سينٽر تي اچي رهيون آهن، احساس ڪفالت پروگرام سينٽر تي گندو پاڻي بيهڻ جي ڪري ايندڙ مستحق عورتن کي پريشاني ٿيندي رهي ٿي،جنهن سبب وبائي بيماريون ڦهلجڻ جو خطرو آهي،جڏهن ته احساس ڪفالت سينٽر تي ايس او پيز کي نظرانداز ڪيو ويو آهي جنهن سان ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو خدشو آهي، سخت گرمي ۾ مستحقن لاءِ ڪي به سهولتون فراهم ناهن ڪيون ويون،سڄو ڏينهن سخت گرمي ۾ مستحق عورتون نٽهڻ اس ۾ بيهڻ جي ڪري پريشان رهن ٿيون،ان سلسلي ۾ مستحق عورتن حميدان،زليخان،حليمان ۽ ٻين چيو ته احساس ڪفالت سينٽر ۾ گٽرن ۽ نالين جو گندو پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري بدبوءِ آهي،گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان نالين جو پاڻي بيٺل هئڻ ڪري بيماريون ٿي سگهن ٿيون،سينٽر انتظاميه نالين جي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪوبه تدارڪ ناهي ڪيو،هنن ميونسپل ڪاميٽي جي عملي کان مطالبو ڪيو ته گٽرن ۽ نالين جو گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.