خيرپورناٿن شاهه ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، واٽر سپلاءِ بند، شهرين جو احتجاج

خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: سيد اطهر بخاري) خيرپورناٿن شاهه ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران پاڻي اڻلڀ واٽر سپلائي سسٽم ناڪاره شھر جي شھباز ڪالوني ڪورائي محلا سومرا محلا  قاضي محلا گولي مار  محلو جوکيا محلا رحمت الله ڪالوني مير خان ڪالوني درزي بازار مير حسن روڊ مدينا ڪالوني سميت ٻين ڪالونين ۾ واٽر سپلائي جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو شھري پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا متاثر شھرين شھري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي اعجاز ٻرڙو احسان سومرو نياز حسين گاڏھي راھب علي گاڏھي سيد تقي شاه جي اڳواڻي ۾ مهراڻ پريس ڪلب اڳيان پبلڪ هيلٿ کاتي خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته ڏينهن جا ڏينهن گذري وڃن ٿا واٽر سپلائي لائنن ۾ پاڻي نٿو اچي هڪ هفتي کان پاڻي نه هجڻ سبب اسين سخت پريشان ٿي ويا آھيون . مجبورن اسين شھر ۾ گڏھ گاڏن تي وڪرو ٿيندڙ پاڻي جون گياليون پئسن عيوض خريد ڪيون ٿا جيڪا اسان شھرين سان وڏي ناانصافي آھي ڊي سي دادو نوٽيس وٺي پاڻي کوٽ ختم ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ انڊس هائي وي تي تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.