لاڙڪاڻي ۾ وياجين کان تنگ نوجوان جو آپگهات

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي نوجوان صدام بروهي وياجين جي آزار کان تنگ اچي گهر اندر ڦاهو کائي  خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان صدام بروهي پنهنجو هوٽل هلائيندو هو جنهن ڪجهه عرصو وياجين کان پئسا ورتا جيڪي پئسا نه ڏيڻ تي هو مسلسل پريشان رهندو هو جنهن ڪالهه گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي ڪمري مان سندس هٿن سان لکيل خط هٿ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ نوجوان پاران پنهنجي امڙ سميت گهر ۽ پاڙيسرين کان معافي طلب ڪندي وياج خور جا نالا خط ۾ لکي انهن جي نشاندهي پڻ ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.