ڪنري ڀرسان ناري جو ڦاهو کائي آپگهات

ڪنري (ت ر) ڪنري  لڳ بچل ميمڻ اوطاق جي ڳوٺ راڻا نصرالله ۾ 17 ورھين جي  ناريءَ چاندني ڌيءَ گلاب ڪولھي پنھنجي  گھر جي اندر ڳچيءَ سان رسو ٻڌي ڪمري جي ڇت سان لٽڪي مبينا طور آپگھات ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، جنھن کي لاش کي وارث تعلقي اسپتال کڻائي آيا جتي ناري جي چاچي ھيرو ڪولھي جو چوڻ ھو ته اسان سڀ ٻنيءَ تي ويل ھئاسين ۽ ڇوڪري گھر ھئي واپسي اچڻ تي ھن جي لٽڪيل لاش ڏٺوسين.  ھن چيو ته ڇوڪري جو دماغي توازن درست ڪونه ھو ۽ ھن جو والد اڳ ئي فوت ٿي چڪو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.