ڪوٽ غلام محمد لڳ سم نالي مان پيرسن جو لاش هٿ

ڪوٽ غلام محمد (ن ع آ) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ نواب عزيز تيلي واسي پيرسن ڀورو پٽ شووجي ڪولهي جو لاش ڳوٺ ميجر رفيق ڀرسان ترندو ڏسي ڳوٺاڻن لاش ڪڍي وارثن کي اطلاع ڏنو وارث فوتي جو لاش گهر کڻائي ويا ۔پوليس اطلاع ملڻ تي پهتي ته فوتي جي وارثن ڪنهن به قسم جي ڪاروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو ۔وارثن جو چوڻ آهي ته پيرسن پير ترڪڻ سبب سم نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو هوندو.

لکي غلام شاھ لڳ نانگ ڪکڻ سبب نوجوان فوت

لکي غلام شاھ (ت ر) لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ پٺاڻ ڪروسي جتوئي واسي نوجوان راحب علي ولد محراب جتوئي زمين تي ڪم  ڪري رهيو هيو ته نانگ ڪکي وڌو جنهن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال شڪارپور نيو ويو جتي نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو،وارث نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد گهر کڻائي پهتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.