سکر ۾ دڪان کي کاٽ، لکن جي چوري

سکر( رپورٽر) سکر شهر ۾ ڏوهي وارداتن تي ضابطو نه اچي سگھيو، گھنٽا گھر واري علائقي ۾ رات جي وقت چوري، لکين روپين جو  سامان کڻي فرار، خبرموجب سکر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد گھنٽا گھر واري علائقي شهيد گنج ۾ اليڪٽرانڪ مارڪيٽ جي معاويه اليڪٽرانڪ جي دڪان مان رات جو دير سان نامعلوم چور تالا ٽوڙي ڪري دڪان ۾ لڳل سي سي ٽي وي رڪارڊنگ سسٽم، ايل سي ڊي، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن. جڏهن ته واقعي جي اين سي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.