ڪراچي ۾ نوشهري فيروز واسڻ عورت مڙس هٿان قتل

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ ماڙيپور جي علائقي مسلم ڪالوني ۾ جوابدار سڪندر پنهنجي گھرواري 23 ورهين جي صبا کي قتل ڪري  ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار سڪندر پنهنجي دوست بشير احمد سان گڏجي گھرواري کي گھٽا ڏئي ماريو آهي ۽ جنهن بعد ٻئي جوابدار فرار ٿي ويا آهن. پوليس موجب سڪندر جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي ۽ صبا ذات جي ملاح هئي، جيڪا نوشهروفيروز سان تعلق رکندي هئي. پوليس موجب ٻنهي پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن بعد ٻنهي ناراضگي ٿي، ناراضگي کانپوءِ صبا ماڙيپور ۾ رهندي هئي ۽ سندس مڙس حب چونڪي ۾ رهندو آهي. ڪالهه سڪندر پنهنجي دوست سان گڏ اچي صبا کي گھران وٺي ٻاهر آندو ۽ ٻنهي کيس گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.