سکر : بااثر قبضا مافيا خلاف مھر برادري جي متاثرن پاران احتجاج

سکر  ڀرسان روهڙي جي علائقي ڳوٺ مڳڻ مھر جي رھواسين عبدالستار ۽ ٻين  پاران  بااثر وڪيل صحبت جويو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي  متاثر شخص عبدالستار جو چوڻ هو ته انهن بااثر وڪيل صحبت جويو کي  ڪرائي تي جاءِ ڏني جنھن تي ھن  قبضو ڪري ورتو آهي ،سندس چوڻ هو ته بااثر وڪيل زبردستي  ڪالوني جو  حفاظتي گيٽ به ڊھرائي ڇڏيو  آهي

سکر 70 سالن کان رھندڙ آھيون ڳوٺ آباد اسڪيم تحت سندون مليون پر وڪيل زمين تي قبضي ڪرڻ لاءِ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رھيو آھي .

سکر :- ايس ايس پي سکر ، هائي ڪورٽ بار جي صدر قربان ملاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته بااثر وڪيل خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.