جيڪڏهن زيادتي جو واقعو رنگ روڊ تي ٿيو ته سي سي پي اهو لاهور ذميوار آهي: مشاهد الله خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد الله خان جو چوڻ آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي وزير موجب زيادتي جو واقعو موٽر وتي نه پر رنگ روڊ تي ٿيو، پوءِ ته ڪيپٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) لاهور ذميوار آهي.

سينيٽ اجلاس ۾ موٽر وي زيادتي واقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مشاهد الله خان جو چوڻ هو ته اِهو هانءُ ڏاريندڙ واقعو آهي، جنهن جي ماتحت اين ايڇ اي اچي ٿو اُهي وزير چون ٿا ته موٽر وي تي اِهو واقعو ناهي ٿيو، ۽ جيڪڏهن رنگ روڊ تي واقعو ٿيو ته سي سي پي او ذميوار آهي جڏهن ته وزير اعظم سي سي پي او جي تعريف ڪئي آهي.

مشاهد الله خان جو چوڻ هو ته حڪومت سي سي پي او کي بچائڻ جي چڪر ۾ آهي، جيڪڏهن سي سي پي او ايترو سٺو آفيسر آهي ته انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) ان جي خلاف رپورٽ ڇو ڏني؟ يا ته پوءِ آءِ بي غلط رپورٽ ڏني، سرڪاري ملازمن جي ڪا به معافي ناهي هوندي، ان جي خلاف ايڪشن ٿيندو آهي.

تحريڪ انصاف جي سينيٽر ثمينه عابد چيو ته ماڊل ٽائون تي توهان ڪهڙي سزا ڏني؟ جنهن تي مشاهد الله خان جواب ڏنو ته توهان جي 2 سالن کان حڪومت ڏئي ڇڏي سزا، ماڊل ٽائون جي جنهن ڏينهن جاچ ٿيندي طاهر القادري ۽ عمران خان ملوث نڪرندا، بلديا سانحي ۾ ملوث ماڻهو توهان سان گڏ ويٺا آهن.

تحريڪ انصاف جي سينيٽر محسن عزيز چيو ته آئون هڪ پيءُ، ڀاءُ ۽ پٽ هئڻ جي حيثيت سان شرمندو آهيان، ۽ سي سي پي او جي بيان جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو، پر سي سي پي او جي استعيفيٰ سان توهان کي ڇا ملي ويندو؟ هن کي ڪم ڪرڻ ڏيو، عمر شيخ اُهو ماڻهو جيڪو به وڪرو نه ٿيندو.

ايوان ۾ موجود پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته هن کي قومي اسيمبلي مان زيادتي جي جوابدارن کي چوڪن تي ڦاهي ڏيڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪرايو هو، سينيٽ به ان ٺهراءَ جي حمايت ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.