ڪنڌڪوٽ: عوامي تحريڪ جي ڪراچي ڪميٽي ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف بک هڙتال

ڪنڌڪوٽ ۾ عوامي تحريڪ پاران  ڪراچي ڪميٽي، ڌاري آبادڪاري ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪري بک هڙتال ڪئي وئي.

لائبريري چوڪ تي بک هڙتال تي ويٺل اڳواڻن  سجاد  احمد مهيسر، مهراڻ سنڌي، صدام کوسو،  نواز ٻپڙ ۽ ٻين  چيو ته  وزير اعظم غير قانوني ۽ غير آئيني طور تي  ڪميٽي ٺاهي عملي طور تي ڪراچي کي وفاق جي قبضي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ جي وجود تي وار ڌرتي ڌڻي  ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا..

اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هئو ته  پيپلز پارٽي  سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڌارين حوالي ڪري ڇڏيون آهن، سنڌ سرڪار  هٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙي تباهه ڪيو آهي.   واهن، شاخن، سم نالن جون کاٽيون نه ڪرائڻ سبب برسات ۾ تباهي ٿي آهي،  هزارين برسات متاثر روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.